ڪراچي:
شهر قائد ۾ لانڍي دائود چورنگي وٽ ٽينڪر کي ٽڪر، رڪشا ڊرائيور ۽ دڪاندار زخمي.
تفصيل موجب شرافت گوڙ ٿاڻي جي حد لانڍي دائود چورنگي ويجهو تيز رفتار ٽينڪر ڊرائيور بي قابو ٿي روڊ جي ڪناري تي بيٺل رڪشا، ٿيلا ۽ موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.
زخمين کي طبي امداد لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس موجب زخمين ۾ 18 ورهين جو محسن ولد فضل الرحمان ۽ 55 ورهين جو جبار ولد ولي الله شامل آهن.
حادثي جو ذميوار ٽينڪر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، زخمين ۾ جبار رڪشا ڊرائيور ۽ محسن وهيل شامل آهن.


