وزيراعظم جي مديني ۾ آمد، رسول جي قبر تي حاضري، امن امان جي لاءِ دعا

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي دوري دوران گذريل رات جده کان مدينه منوره پهتو. مديني پهچڻ تي مديني جي گورنر شهزادي سلمان بن سلطان بن عبدالعزيز السعود وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جو استقبال ڪيو. وزيراعظم مديني منوره ۾ مسجد نبوي ۾ حاضري ڏني ۽ ملڪ جي ترقي سميت سڄي دنيا ۾ امن امان جي لاءِ دعا گهري. وزيراعظم جي آمد تي وزيراعظم ۽ سندس وفد جي لاءِ روضي رسول جا دروازا کوليا ويا. وزيراعظم سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪرڻ بعد مديني کان دوحه روانو ٿيندو. دوحه ۾ وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ٻه طرفي ملاقات ڪندو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment