ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي واقعن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


ڪراچي:

شهر قائد جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي مختلف واقعن ۾ هڪ مسافر سميت 2 ڄڻا مارجي ويا، 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڪورنگي انڊسٽريل ايريا پوليس 2 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.

تفصيل موجب ڪورنگي انڊسٽريل ايريا جي علائقي ڪورنگي ڪراسنگ جي ڊي اي سوسائٽي سيڪٽر 31 بي وٽ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.

فوتي جو لاش ۽ زخمين کي جناح اسپتال پهچايو ويو، جتي فوتي جي سڃاڻپ 50 ورهين جي افضل احمد طور ٿي آهي، جڏهن ته 50 ورهين جي ارشد کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

ايس ايڇ او ناصر محمود جو چوڻ هو ته شروعاتي جاچ موجب واقعو جهيڙي دوران پيش آيو، 11 مئي تي پاڙي جي ٻارڙن ۾ جهيڙو ٿيو هو، جنهن بعد پوليس ٻنهي ڌرين کي ميڊيڪل ليٽر ڏيڻ بعد اسپتال موڪليو، پر 12 مئي تي ٻنهي ڌرين ۾ صلح ڪرايو ويو.

خميس جي رات هڪ ڌر ارشد نالي شخص جي گهر تي چڙهائي ڪئي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر جهيڙو شروع ٿي ويو، جنهن دوران جوابدارن جي فائرنگ سان ارشد زخمي ٿي پيو، جڏهن ته فائرنگ ۾ رهواسي افضل مارجي ويو.

هوڏانهن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي 2 ڄڻن کي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

ٻئي طرف گلشن معمار جي علائقي پير بخش گوٿ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو.

سندس لاش عباسي شهيد اسپتال آندو ويو، جتي مقتول جي سڃاڻپ 30 ورهين جي فيصل احمد طور ٿي.

گلشن معمار پوليس موجب شروعاتي اطلاعن موجب واقعو ذاتي تڪرار دوران پيش آيو، جنهن جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

نارٿ ڪراچي جي علائقي بابا موڙ سي اين جي پمپ ويجهو فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طبي امداد لاءِ عباسي شهيد اسپتال نيو ويو، جتي سندن سڃاڻپ 40 ورهين جي فيصل ۽ 55 ورهين جي اسلم طور ٿي.

ضلعي سينٽرل پوليس جي ترجمان موجب شروعاتي اطلاعن موجب واقعو ذاتي دشمني جو نشانو آهي.

زخمين ۾ جهيڙي جو ڪيس پڻ منگھوپير ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، اطلاعن موجب 2 جوابدار پيادل آيا ۽ فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا.

هوڏانهن خواجا اجمير نگري پوليس واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهي آهي، لانڍي حسيني چورنگي ملاداد قبرستان ويجهو فائرنگ ۾ 25 ورهين جو غني حسين زخمي ٿي پيو، جنهن کي فوري طبي امداد لاءِ جناح اسپتال نيو ويو.

پوليس موجب فوري طور تي فائرنگ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي، ان حوالي سان وڌيڪ معلومات حاصل ڪئي پئي وڃي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment