سپر هاءِ وي ۽ شهيد ملت روڊ تي ايس آءِ يو ۽ اي وي ايل سي جي پوليس مقابلي ۾ 3 ڦورو مارجي ويا، هٿيار، آلٽو ڪار ۽ ٻيو چوري ٿيل سامان هٿ ڪري ورتو. تفصيل موجب اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ جي پوليس پارٽي سهراب گوڙ ٿاڻي جي حد سپر هاءِ وي انصاف اسپتال ڪوئيٽا ٽائون گيٽ وٽ خميس ۽ جمعي جي وچ ڌاري مبينا پوليس مقابلي ۾ 2 ڦورو مارجي ويا. ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب مارجي ويلن جي سڃاڻپ 26 ورهين جي سعيد محمد ولد سيد مورو ۽ 23 ورهين جي شير خان ولد محراب خان طور ٿي آهي. مارجي ويل جوابدارن وٽان 2 پستول، گوليون ۽ موبائل فون هٿ ڪيا ويا. خميس ۽ جمعي جي وچ ڌاري فيروز آباد ٿاڻي جي حد شهيد ملت روڊ جي ڀرسان جيل چورنگي گرين بيلٽ تي واقع نرسري جي سامهون اينٽي وهيڪل لفٽنگ سيل جي پوليس مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو. اي وي ايل سي ترجمان موجب مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ 32 ورهين جي ثاقب ولد آصف منور جي نالي سان ٿي آهي، مارجي ويل ڏوهاري جو هڪ ساٿي موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، گرفتار جوابدار وٽان هڪ سوزوڪي آلٽو ڪار، موبائل فون ۽ نقدي هٿ ڪئي وئي آهي. سخن پوليس خميس ۽ جمعي جي وچ ڌاري لانڍي بفيلو ڪالوني روڊ نمبر 12 ۾ مبينا مقابلي بعد هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. زخمين کي طبي امداد لاءِ جناح اسپتال نيو ويو. ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب زخمي ٿيل ڌاڙي جي سڃاڻپ پهلوان عرف قاري عرف سين جي نالي سان ٿي آهي، گرفتار ڌاڙيل جا 3 ساٿي موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. گرفتار جوابدار وٽان هڪ پستول، گوليون، موبائل فون، نقدي ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي.
Source link

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران 3 ڏوهاري مارجي ويا
Leave a Comment Leave a Comment

