ڪراچي ڪنگز يو اي اي جي ٻن رانديگرن محمد وسيم ۽ خوزيمه بن تنوير کي پاڪستان سپر ليگ 11 جي باقي ميچن مان هٽائي ڇڏيو آهي ۽ انگلينڊ جي رانديگر جيسن راءِ کي شامل ڪيو آهي. فرنچائز ترجمان موجب يو اي اي جي ٻنهي رانديگرن کي قومي ذميوارين سبب آزاد ڪيو ويو آهي، ڪراچي ڪنگز جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسان پنهنجي رانديگرن کي قومي ٽيم جي نمائندگي ڪرڻ جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا. واضح رهي ته ان کان اڳ يو اي اي جي محمد وسيم ۽ خزيمه بن تنوير کي مقامي سطح تي ڊي 50 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي هئي. ذريعن موجب ٻنهي رانديگرن پي ايس ايل 11 ۾ ٻيهر ڪراچي ڪنگز جو حصو بڻجندا جڏهن ته ايونٽ جا ڪجهه ميچون کيڏڻ بعد ٻئي رانديگر پي ايس ايل 11 ۾ ڪراچي ڪنگز جو حصو بڻجي ويندا. ٻئي طرف ڪراچي ڪنگز محمد وسيم جي جاءِ تي انگلينڊ جي جارحاڻي اوپنر جيسن راءِ کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو آهي، جڏهن ته خزيمه بن تنوير جي متبادل جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.
Source link

ڪراچي ڪنگز يو اي اي جي ٻن رانديگرن کي ٽيم مان ڪڍي ڇڏيو ۽ انگلينڊ جي هڪ رانديگر کي شامل ڪيو
Leave a Comment Leave a Comment

