2026ع جي ٻي ملڪ گير پوليو خلاف مهم ڪاميابي سان مڪمل ٿي وئي، جنهن ۾ 4 لک 47 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا.
پوليو ورڪرن جي اڻٿڪ ڪوششن سبب 44.7 ملين کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا. پنجاب ۾ 23 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا.
سنڌ ۾ 1 ڪروڙ 4 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا، خيبرپختونخواهه ۾ 72 لک 22 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا. بلوچستان ۾ 26 لک 20 هزار کان وڌيڪ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا.
اسلام آباد ۾ 4 لک 41 هزار کان وڌيڪ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا. گلگت بلتستان ۾ 292 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا.
آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لڳ ڀڳ 717000 ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا.


