سمارٽ فون استعمال ڪندڙ 71.6 سيڪڙو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


هلندڙ مالي سال دوران ملڪ ۾ سمارٽ فون جي استعمال ۾ 0.6 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ ملڪ ۾ سمارٽ فون استعمال ڪندڙن جو انگ 71.6 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي.

نيشنل اڪنامڪ سروي 2025-26 موجب 2G استعمال ڪندڙن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ انهن جي شرح گهٽجي 28 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.

سروي ۾ انڪشاف ٿيو ته ملڪ ۾ موبائيل ۽ فڪسڊ فون استعمال ڪندڙن جو ڪل تعداد 207.2 ملين 20 هزار تائين پهچي ويو آهي ۽ مجموعي موبائيل ڪنيڪشن جو تناسب پڻ گذريل سال 81 سيڪڙو کان وڌي 82.6 سيڪڙو ٿي ويو آهي.

اقتصادي سروي موجب ملڪ ۾ براڊ بينڊ استعمال ڪندڙن جو انگ 161 ملين تائين پهچي ويو آهي.

دستاويز ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مارچ 2026 تائين، 161.6 ملين موبائل فون مقامي طور تي پيدا ڪيا ويا آهن.

سروي موجب پاڪستان دنيا ۾ سستي ترين انٽرنيٽ ڊيٽا فراهم ڪرڻ وارن ملڪن ۾ شامل آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ انٽرنيٽ ڊيٽا جو ڪل استعمال 30 هزار 783 پيٽا بائيٽ تائين پهچڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment