فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي شروع ٿيڻ کان اڳ جاري ڪيل نئين فيفا ورلڊ رينڪنگ ۾ ارجنٽائن هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جي نمبر ون فٽبال ٽيم بڻجي وئي آهي، فيفا جون 2026ع جي تازي رينڪنگ موجب ارجنٽائن جولاءِ 2025 کانپوءِ پهريون ڀيرو عالمي رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن سنڀالي ورتي آهي، رينڪنگ ۾ اسپين ٻئين نمبر تي جڏهن ته فرانس ٻئين نمبر تي هليو ويو آهي. ٻئي طرف مراکش تاريخ جي بهترين رينڪنگ حاصل ڪري ستين نمبر تي پهچي ويو آهي. مراکش هاڻي آفريقي ۽ عرب ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ رينڪنگ واري ٽيم بڻجي وئي آهي، جڏهن ته هالينڊ هڪ درجو گهٽجي اٺين نمبر تي اچي ويو آهي. پاڪستان جي فٽبال ٽيم به انهن ٽيمن ۾ شامل هئي جن اهم بهتري ڏيکاري. پاڪستان 202هين مان 4 درجا مٿي چڙهي 198هين نمبر تي اچي ويو آهي. فيفا موجب هن عالمي رينڪنگ کي ورلڊ ڪپ جي گروپ اسٽيج ۾ ٽائي بريڪر طور به استعمال ڪيو ويندو. ايندڙ فيفا عالمي رينڪنگ 20 جولاءِ 2026 تي جاري ڪئي ويندي.
Source link

ورلڊ ڪپ جي شروعات کان اڳ، ارجنٽائن هڪ ڀيرو ٻيهر فيفا ورلڊ رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي اچي ويو
Leave a Comment Leave a Comment

