ايران خلاف ڪنهن به فوجي مهم جو حصو نه بڻجنداسين، ٽرمپ جو نيتن ياهو کي سخت جواب

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيلي قيادت کي واضح اشارو ڏئي ڇڏيو آهي ته آمريڪا ايران خلاف ڪنهن به هڪ طرفي فوجي ڪارروائي ۾ حصو نه وٺندو.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ايران جي اسرائيل تي ميزائل حملن کانپوءِ آمريڪي صدر ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ خطي جي تازي صورتحال ۽ ممڪن ردعمل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

اسرائيلي ذريعن جو چوڻ آهي ته نيتن ياهو آمريڪي صدر کي ايران خلاف ممڪن جوابي ڪارروائي بابت پنهنجي موقف کان آگاهه ڪيو پر ٽرمپ واضح ڪيو ته جيڪڏهن اسرائيل ايران کي نشانو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ته آمريڪا ان آپريشن جو حصو نه هوندو.

ان دوران هڪ انٽرويو ۾ ٽرمپ زور ڀريو ته ايران جي تازي ڪاررواين باوجود واشنگٽن تهران سان سفارتي لاڳاپا ۽ ڳالهيون جاري رکڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته خطي ۾ پائيدار استحڪام لاءِ سياسي حل ئي بهترين رستو آهي.

برطانوي اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ ٽرمپ اهو به چيو ته اسرائيلي قيادت کي آخرڪار اهڙو ڊيل قبول ڪرڻو پوندو جنهن سان ڇڪتاڻ گهٽ ٿي سگهي.

بهرحال، هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سفارتي ڪوششون ناڪام ٿيون، آمريڪا محدود فوجي ڪارروائي سميت ٻين اختيارن تي غور ڪري سگهي ٿو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment