فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ 2026ع جي ٽئين ميزبان ملڪ لاس اينجلس جي شهر لاس اينجلس ۾ پڻ تقريب جي شاندار افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي، جتي موسيقي جي پرفارمنس ڪري مداحن کي خوب محظوظ ڪيو.
لاس اينجلس جي اسٽيڊيم ۾ آمريڪا ۽ پيراگوئي وچ ۾ ميچ کان اڳ واري تقريب ۾ مختلف ميوزڪ بينڊز پنهنجي پرفارمنس پيش ڪري ماحول کي جشن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
اسٽيڊيم ۾ موجود هزارين تماشائي فنڪارن جي شاندار پرفارمنس تي حيران ٿي ويا ۽ تقريب کي خوب ساراهيو ويو.
ان کان اڳ ورلڊ ڪپ جي افتتاحي تقريب به ايونٽ جي ٻئي ميزبان ملڪ ڪئناڊا ۾ ٿي. تقريب کانپوءِ ميزبان ڪئناڊا ۽ بوسنيا وچ ۾ کيڏيل ميچ هڪ، هڪ گول تان برابر ٿي وئي.
واضح رهي ته فٽبال جو سڀ کان وڏو عالمي ميلو ميڪسيڪو ۾ رنگارنگ افتتاحي تقريب سان شروع ٿيو.
ميڪسيڪو ۾ منعقد تقريب ۾ مشهور ڳائڻي شڪيرا ۽ برنا بواءِ جي شاندار پرفارمنس سڄي دنيا ۾ فٽبال جي مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ عالمي سطح تي تقريب کي خوب ساراهيو ويو.


