آمريڪا ۾ جاري فيفا ورلڊ ڪپ دوران انگلينڊ جي فٽبال ٽيم مان سامان چوري ڪرڻ جي الزام ۾ ٻن ماڻهن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب مصطفيٰ سالڪ ۽ عرفان ڪمال خلاف چوري جو سامان رکڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته چوري ٿيل سامان جي ماليت اٽڪل 18 هزار آمريڪي ڊالر آهي، جنهن ۾ انگلينڊ ٽيم جي کٽ ۽ ٻيو ضروري سامان شامل آهي. بيان موجب سامان ان وقت چوري ڪيو ويو جڏهن ان کي فلوريڊا ۾ انگلينڊ جي ٽريننگ ڪيمپ کان ڪنساس سٽي ۾ ورلڊ ڪپ بيس منتقل ڪيو پيو وڃي. جاچ اختيارين موجب ٻن جوابدارن جي قبضي مان مبينا طور تي چوري ٿيل سامان هٿ ڪيو ويو، جنهن بعد جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو. رياستي قانون تحت، جن کي ڏوهه جي سزا ملي ٿي، انهن کي وڌ ۾ وڌ ست سال قيد جي سزا ملي ٿي. واقعي کانپوءِ اختيارين ورلڊ ڪپ سان لاڳاپيل ٽيمن جي سامان ۽ رسد جي سڪيورٽي سخت ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي.
Source link

فيفا ورلڊ ڪپ دوران انگلينڊ جي فٽبال ٽيم جو سامان چوري ڪرڻ جي الزام ۾ ٻه ڄڻا گرفتار
Leave a Comment Leave a Comment

