ڪراچي:
شهر قائد ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري گرمي جي لهر کان پوءِ اڄ موسم جي صورتحال ۾ نمايان بهتري نظر اچي رهي آهي.
موسميات کاتي جي نجي ذريعن موجب اڄ شهر ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته سامونڊي هوائون به سٺي رفتار سان هلي رهيون آهن، جنهن سبب گرمي جي شدت نسبتاً گهٽجي وئي آهي.
موسميات کاتي موجب هوا ۾ نمي جو تناسب اڃا به وڌيڪ آهي، جنهن سبب گرمي پد حقيقي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هجڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گذريل ڪجهه ڏينهن جي مقابلي ۾ مجموعي صورتحال ڪافي اطمينان بخش ٻڌائي پئي وڃي ۽ شهرين کي موسم نسبتاً بهتر آهي.
اڄ رات کان شهر ۾ سامونڊي هوائن ۽ سامونڊي بادلن جي ڳڻپ ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي، جنهن سبب رات جو موسم خوشگوار ٿي سگهي ٿي. سامونڊي ڪڪرن سبب اڄ رات دير سان سڀاڻي منجهند تائين جزوي ابر آلود رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب سامونڊي ڪڪرن جي موجودگيءَ سبب شهر جي ڪجهه هنڌن تي تيز برسات يا هلڪي برسات پئجي سگهي ٿي.
هن هفتي دوران موسميات جي مجموعي صورتحال ساڳي رهندي ۽ شهر ۾ سخت گرمي جي لهر جو ڪو به امڪان ناهي.


