شهر قائد جي علائقي بلديه مشروف ڪالوني ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب مدرسي جو شاگرد فوت ٿي ويو. تفصيل موجب بلديه مشرف ڪالوني ۾ قائم مدرسي اندر ڪرنٽ لڳڻ سبب 13 ورهين جو شاگرد فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. هيڊ انسپيڪٽر موچڪو خالد جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن جي سڃاڻپ 13 ورهين جي حمدان ولد شبير احمد جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو مدرسي جو شاگرد هو. شروعاتي طور تي مدرسي جي انتظاميا ۽ ٻين ٻارن جو چوڻ هو ته حمدان غسل ڪري غسل خاني مان ٻاهر آيو هو ته هن ڪمري ۾ لائيٽ روشن ڪرڻ لاءِ بجلي جو بٽڻ آن ڪيو ته کيس ڪرنٽ لڳي ويو. مقتول حمدان مريپور روڊ جو رهواسي ۽ مدرسي جو شاگرد هو، جڏهن ته پوليس ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.
Source link

ڪراچي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 13 ورهين جو مدرسي جو شاگرد فوت ٿي ويو
Leave a Comment Leave a Comment

