تل ابيب: اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو واضح ڪيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي يا امن معاهدو ٿيڻ باوجود اسرائيلي فوج لبنان ۽ شام ۾ پنهنجي قبضي ڪيل علائقن مان نه نڪرندي.
عالمي ميڊيا رپورٽن موجب نيتن ياهو هڪ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته اسرائيل ڏکڻ لبنان ۾ پنهنجي سيڪيورٽي زون ۾ رهندو جيستائين ضروري هجي. هن چيو ته اسرائيل پنهنجي قومي سلامتي ۽ سرحدي علائقن جي حفاظت لاءِ ضروري قدم کڻندو.
رپورٽن مطابق اسرائيل هن وقت لبنان جي 570 چورس ڪلوميٽرن تي قبضو ڪري چڪو آهي، جڏهن ته شام جي ڪجهه علائقن ۾ ان جي فوجي موجودگي برقرار آهي.
نتنياهو جي بيان کي آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ تجويز ڪيل ڊيل لاء نئين چيلنج طور ڏٺو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته ڊيل جي ڪجهه غير تصديق ٿيل تفصيلن ۾ لبنان ۾ مڪمل ۽ مستقل جنگ بندي شامل آهي.
اسرائيلي وزيراعظم چيو ته اسرائيل ايران جي حمايت يافته گروپن خلاف ڪارروايون جاري رکندو ۽ خطي ۾ ڪنهن به خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار هوندو.
هن اهو به اعتراف ڪيو ته سندس آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ڪجهه معاملن تي اختلاف آهن پر اسرائيل جي سلامتي سندس اولين ترجيح آهي.
ٻئي طرف اسرائيلي بچاءَ واري وزير اسرائيل ڪيٽز پڻ اعلان ڪيو آهي ته اسرائيلي فوج لبنان، شام ۽ غزه ۾ پنهنجي قبضي واري علائقي مان نه نڪرندي. هن چيو ته فوجي موجودگي جو مقصد اسرائيلي شهرين ۽ سرحدن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ آهي.
سياسي مبصرن موجب نيتن ياهو جا تازا بيان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري سفارتي ڪوششن کي وڌيڪ پيچيده بڻائي سگهن ٿا، جڏهن ته لبنان ۾ ممڪنه جنگ بندي جي امڪان تي به سوال اٿاريا پيا وڃن.


