واشنگٽن: آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس انڪشاف ڪيو آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جمعي جي شروعات ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ تجويز ڪيل معاهدي کي عوام لاءِ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪري سگهي ٿو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب جي ڊي وينس هڪ انٽرويو ۾ چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل معاهدي تي ٻنهي ملڪن جي قيادت اليڪٽرانڪ دستخط ڪئي آهي، جڏهن ته معاهدي تي باضابطه دستخطي تقريب جمعي تي متوقع آهي.
نائب صدر جي ڊي وينس چيو ته معاهدي جي ڪجهه تفصيلن تي اڃا غور ڪيو پيو وڃي، پر ٻنهي طرفن اهم نقطي تي اتفاق ڪرڻ جي ويجهو اچي چڪا آهن.
هن اشارو ڏنو ته صدر ٽرمپ جلد ئي ڊيل جي تفصيل کي عام ڪرڻ جو فيصلو ڪري سگهي ٿو عالمي برادري کي پيش رفت بابت آگاهي ڏيڻ لاء.
آمريڪي ميڊيا رپورٽن موجب واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ جاري سفارتي لاڳاپن ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ ٻئي ملڪ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ پائيدار استحڪام لاءِ جامع فريم ورڪ تي ڪم ڪري رهيا آهن.
تجزيه نگارن موجب جيڪڏهن ان معاهدي تي باضابطه طور تي عمل ٿئي ٿو ته ان سان نه رڳو خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي پر ان جا عالمي توانائي مارڪيٽن، تيل جي اگهن ۽ عالمي واپار تي به مثبت اثر پوندا.


