ڪراچي، ميئر ڪراچي جو رات دير سان ترقياتي منصوبن جو دورو، ڪورنگي مين تعمير هيٺ روڊ جو جائزو ورتو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي:

ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب رات دير سان شهر ۾ جاري ترقياتي منصوبن جو دورو ڪيو ۽ ڪورنگي ضلعي ۾ ڪورنگي ڪريڪ ۽ ابراهيم حيدري کي ڳنڍيندڙ ناصر جمپ کان مهراڻ روڊ تي هلندڙ تعميراتي ڪم جو معائنو ڪيو.

دوري دوران انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي عملدارن ميئر ڪراچي کي منصوبي جي اڳڀرائي ۽ ٽيڪنيڪل مسئلن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.

اختيارين موجب 1800 ميٽر ڊگھي روڊ کي لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ ۽ ڪلڪ پراجيڪٽ جي سهڪار سان نئين سر تعمير ڪيو پيو وڃي، ان سان گڏ جديد اسٽام واٽر ڊرينيج سسٽم ۽ سيوريج لائين وڇائي پئي وڃي.

ميئر ڪراچي کي ٻڌايو ويو ته علائقي ۾ گندي پاڻي جي نيڪال ۽ برساتي پاڻي جي مسئلن جي مستقل حل لاءِ 36 انچ قطر واري اسٽام واٽر ڊرين لائن ۽ 18 انچ سيوريج لائين لڳائڻ جو ڪم تيزي سان جاري آهي، جنهن سان مقامي آبادي کي درپيش مسئلن ۾ وڏي حد تائين گهٽتائي ايندي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي ۾ هلندڙ ترقياتي ڪم پنهنجي رفتار ۽ معيار جي شاهدي ڏئي رهيا آهن ۽ شهرين لاءِ اميد جي نئين کرن بڻجي رهيا آهن.

هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪردگي مخالفن ۽ ناڪاري پروپيگنڊا ڪندڙن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.

ميئر ڪراچي چيو ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ ڪراچي بهتر انفرااسٽرڪچر ۽ شهري سهولتن جي فراهمي طرف تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي.

هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته شهرين کي بنيادي سهولتن جي فراهمي ۽ شهر جي ترقي لاءِ ڏينهن رات ڪم جاري رکيو ويندو.

بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته هڪ طرف شهر جي خدمت جو عمل جاري آهي ته ٻئي طرف مخالف رڳو تنقيد ۽ الزام تراشي تائين محدود آهن پر عوام ترقياتي ڪمن جا نتيجا پنهنجي اکين سان ڏسي رهيو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment