ٽينس اسٽار آرينا سبالينڪا مسلسل ٻيو ڀيرو ميامي اوپن ٽائيٽل کٽي ورتو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



عالمي نمبر ون ٽينس اسٽار آرينا سبالينڪا ڪوڪو گوف کي شڪست ڏئي مسلسل ٻيو ڀيرو ميامي اوپن ٽائيٽل کٽي ورتو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ميامي ۾ کيڏيل وومينز سنگلز فائنل ۾ آرينا سبالينڪا ڪوڪو گوف کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ 6-2، 4-6، 6-3 تان شڪست ڏئي ڇڏي. ميچ جي شروعات ۾ سبالينڪا مضبوط راند جو مظاهرو ڪندي پهريون سيٽ آساني سان کٽي ورتو پر آمريڪي اسٽار ڪوڪوگوف ٻئي سيٽ ۾ زبردست واپسي ڪري ميچ برابر ڪري ڇڏي. فيصلي واري ٽئين سيٽ ۾، بيلاروسي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪنٽرول ڪيو ۽ فتح حاصل ڪئي. ان فتح سان سبيلنڪا نه رڳو پنهنجو ٽائيٽل برقرار رکيو پر ”سن شائن ڊبل“ پڻ مڪمل ڪيو جنهن ۾ انڊين ويلز اوپن ۽ ميامي اوپن هڪ ئي سيزن ۾ کٽڻ شامل آهن. هي ڪارنامو سرانجام ڏيڻ کانپوءِ هوءَ تاريخ جي چونڊيل چند رانديگرن مان هڪ بڻجي وئي آهي، جڏهن ته هي سندس مسلسل ٻيو ميامي اوپن ٽائيٽل پڻ آهي. ٻئي طرف ڪوڪو گوف زبردست مقابلو ڪيو پر هوم گرائونڊ تي ٽائيٽل کٽڻ ۾ ناڪام رهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment