ٻارن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر خالد شفيع چيو آهي ته سڄي سنڌ ۾ 2 هزار ٻار خسرو کان متاثر ٿيا آهن.
تفصيل موجب سنڌ ۾ خسرو وگهي 53 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن. هلندڙ سال ملڪ ۾ خسرو سبب 96 ٻارڙا فوت ٿي ويا.
ڊاڪٽر خالد شفيع چيو ته سڄي ملڪ ۾ 7 هزار کان وڌيڪ ٻارن ۾ خسرو مرض جي تصديق ٿي آهي، والدين پنهنجي ٻارن کي ويڪسين ضرور ڪرائين. ٽيهه سيڪڙو والدين ويڪسينيشن نه ٿا ڪن.
هن چيو ته پاڪستان ۾ خسرو جي 7 هزار ڪيسن جي تصديق ٿي آهي. 5 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي ويڪسين ڪرڻ گهرجي.
انگن اکرن موجب خيبرپختونخواهه ۾ 24، پنجاب ۾ 15 ۽ بلوچستان ۾ 4 فوتگيون ٿيون آهن.


