ڪراچي:
شهر قائد ۾ اسپيشل انويسٽيگيشن پوليس ڪارروائي ڪندي بين الصوبائي منشيات جي نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل هڪ اهلڪار کي گرفتار ڪري 18 ڪلو کان وڌيڪ چرس هٿ ڪري ورتي.
ايس آءِ يو ترجمان موجب پوليس عيد گاهه واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي منشيات فروش عمران ولد اشرف کي گرفتار ڪري 18 ڪلو 380 گرام چرس هٿ ڪري ورتي.
جاچ ۾ وڌيڪ انڪشاف ٿيو ته گرفتار ٿيل منشيات فروش خيبرپختونخواهه جي بدنام منشيات فروش ۽ سپلائر زر خان کان وڏي مقدار ۾ منشيات خريد ڪندو هو ۽ ڪي پي ڪي ۾ موجود پنهنجي نيٽ ورڪ تان وڏي مقدار ۾ منشيات ڪراچي اسمگل ڪندو هو.
بعد ۾ شهر جي ڪورنگي، لانڍي، سهراب گوڙ، الآصف اسڪوائر، صدر ۽ قائد جي اولڊ سٽي ايريا سميت ٻين علائقن مان مقامي خريدارن کي وڪرو ڪندا هئا.
ايس آءِ يو پوليس گرفتار جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.


