سڌ سماءَ واري آمريڪي ميگزين ايگزيوز موجب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ آبنائے هرمز جي بحاليءَ جي حوالي سان اليڪٽرانڪ مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ڪيون آهن، جنهن کانپوءِ معاهدو باضابطا طور تي عمل ۾ اچي ويو آهي.
آمريڪي ۽ ايراني عملدارن ان پيش رفت جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي صدرن معاهدي جي حتمي متن تي صحيحون ڪيون، جنهن کانپوءِ خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ سامونڊي ٽريفڪ کي معمول تي آڻڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن.
سفارتي ذريعن موجب شروعاتي منصوبي تي جمعي تي سوئٽزرلينڊ ۾ معاهدي تي صحيحون ڪرڻيون هيون پر ٻنهي ڌرين صورتحال جي حساسيت ۽ آبنائي هرمز کي جلد بحال ڪرڻ جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي مقرر وقت کان اڳ سموريون رسمون مڪمل ڪيون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ آبنائے هرمز کي ٻيهر فعال ڪرڻ تي اڳ ۾ ئي اتفاق ٿي چڪو هو، ان ڪري معاهدي تي جلد عملدرآمد کي ترجيح ڏني وئي. ان دوران ٻنهي طرفن کان معاهدي جي متن جي اشاعت ۽ سفارتي طريقيڪار تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي.
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان تصديق ڪئي ته مفاهمتي ياداشت جي حتمي متن جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ ٻنهي صدرن ان تي اليڪٽرانڪ دستخط ڪيا آهن.
ترجمان موجب جنيوا ۾ سفارتي رابطا ۽ ڳالهين جون سرگرميون جاري رهنديون، جڏهن ته سوئٽزرلينڊ ۾ متوقع ملاقات بابت حتمي فيصلو جلد ڪيو ويندو.
ٻئي طرف وائيٽ هائوس جي اعليٰ عملدارن به معاهدي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ يادداشت تي صحيح ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻي ڌيان خطي ۾ استحڪام ۽ ڇڪتاڻ جي مستقل خاتمي تي آهي.


