خيبرپختونخواهه حڪومت مالي سال 27-2026 لاءِ صوبي جي خساري واري بجيٽ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته هو عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي درخواست تي اضافي بجيٽ نٿا ڏئي سگهن. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شوڪت يوسفزئي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي خواهش موجب سرپلس بجيٽ نٿا ڏئي سگهون، خيبرپختونخواهه لاءِ 50 ارب کان وڌيڪ خساري واري بجيٽ ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس ناهي، پهريون ڀيرو متوقع آمدني کي نظر ۾ رکندي حقيقي بجيٽ تيار ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته خيبرپختونخواهه ڪابينا جو اجلاس اڄ (جمعو) پشاور ۾ طلب ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ ڪابينا کي بجيٽ بابت بريفنگ ڏني ويندي. خيبرپختونخواهه ڪابينا کان منظوري کانپوءِ بجيٽ دستاويزن تي وڏو وزير سهيل آفريدي دستخط ڪندو.
Source link

خيبرپختونخواهه جو خساري واري بجيٽ پيش ڪرڻ جو فيصلو
Leave a Comment Leave a Comment

