طالبان جي حڪومت ۾ افغانستان دهشتگردن جي پناهه گاهه بڻجي ويو، پابندي مڙهيل تنظيم داعش جو هڪ ٻيو اڳواڻ گرفتار

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


طالبان جي حڪومت ۾ افغانستان دهشتگردن جي محفوظ پناهه گاهه بڻجي ويو آهي، جتي پابندي مڙهيل تنظيم داعش جو هڪ ٻيو اڳواڻ گرفتار ڪيو ويو آهي.

افغان سرزمين تي داعش جي ميڊيا چيف جي گرفتاري طالبان جو حقيقي دهشتگرد چهرو دنيا آڏو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. طالبان حڪومت جي سرپرستي ۾ افغانستان عالمي دهشتگردن جي محفوظ پناهگاه ۽ لانچنگ پيڊ بڻجي ويو آهي.

ترڪي جي اخبار اناطوليا ايجنسي موجب ترڪي جي انٽيليجنس ايجنسي سرحد جي ويجهو افغانستان مان سرگرم دهشتگرد گروپ داعش خراسان جي سربراهه کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ترڪي جي انٽيليجنس ايجنسي داعش خراسان جي ميڊيا چيف احمد قازانجي کي افغانستان مان ڪارروائي ڪندي گرفتار ڪري ورتو.

اناطوليا موجب دهشتگرد گروپ داعش خراسان جي گرفتار ميڊيا سربراهه به دهشتگردن کي تربيت ڏيڻ جو اعتراف ڪيو آهي. دهشتگرد گروپ داعش خراسان جو سربراهه پروپيگنڊا، تخريبڪاري ۽ دهشتگرديءَ جي سهولتڪار هو.

پاڪستان گڏيل قومن سميت مختلف عالمي فورمن تي افغانستان کي دهشتگردن جي محفوظ پناهه گاهه قرار ڏئي چڪو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير عاصم افتخار احمد موجب داعش، القائده، فتنا الخوارج ۽ فتنا الهندوستان سميت ڪيترائي دهشتگرد گروپ افغانستان ۾ آزاديءَ سان ڪم ڪري رهيا آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment