رياستي سرپرستي هيٺ، هندستاني موتمار منشيات سڄي دنيا ۾ ماڻهن جي زندگين کي نگلڻ شروع ڪيو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


رياستي سرپرستي ۾ هندستاني موتمار منشيات دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ماڻهن جي زندگين کي نگلڻ شروع ڪيو.

برطانوي جرنل فارميسي بزنس جي رپورٽ موجب ڀارتي دواساز ڪمپنيون سڄي دنيا ۾ دوائن جي فروغ ۽ ماڻهن جي ذهني ۽ جسماني تباهي جو سبب بڻجي چڪيون آهن.

رپورٽ موجب آمريڪا ۾ ڀارتي اوپيائيڊ دوائن جي استعمال سبب 1 لک جي لڳ ڀڳ موت واقع ٿي چڪا آهن، جنهن کانپوءِ سخت پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن. هندستان جي اجازت کان سواءِ هر مهيني لکين ڊالرن جون مصنوعي اوپيائيڊ دوائون نائيجيريا، سيرا ليون ۽ گھانا ڏانهن موڪلي رهيون آهن. ڀارت مان امپورٽ ٿيندڙ هي خطرناڪ دوائون خطي ۾ خطرناڪ منشيات جي استعمال کي وڌائي رهيون آهن.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آفريقي ملڪ سيرا ليون جي راڄڌاني ۾ 3 مهينن دوران 400 ماڻهو ڀارتي موتمار منشيات سبب فوت ٿيا. ڀارتي منشيات دهشتگردن ۽ ٻين ڏوهن جي نيٽ ورڪن پاران ڏوهن جي سرگرمين لاءِ به استعمال ٿينديون آهن.

ماهرن موجب ڀارتي موتمار ڪف سيرپ سبب ازبڪستان ۾ 18، گمبيا ۾ 70 ۽ والاريل ڪشمير ۾ 12 ٻارڙا فوت ٿي ويا. ڀارتي رياست جي سرپرستي ۾ سڄي دنيا ۾ منشيات جي فروغ سبب زندگين جي تباهي کانپوءِ ڀارت تي پابنديون ناگزير آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment