چيڪ ڪيش نه ٿيڻ تي ننڍي ڀاءُ پاران وڏي ڀاءُ خلاف ڪيس داخل

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ننڍي ڀاءُ طرفان چيڪ ڪيش نه ٿيڻ تي وڏي ڀاءُ خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جتي عدالت شفيق احمد جي گرفتاري بعد ضمانت منظور ڪري ورتي.

عدالت درخواستگذار کي هڪ لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. درخواستگذار طرفان ايڊووڪيٽ شاهد شوڪت دليل ڏنا.

درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته شفيق احمد 67 سالن جو شخص آهي ۽ ڊسمبر 2025ع کان جيل ۾ آهي، وڪيل موجب جوابدار گڏيل ڪاروبار يا گڏيل ملڪيت جو ڪو به ثبوت پيش نه ڪري سگهيو آهي.

وڪيل استدعا ڪئي ته عدالت ضمانت واري درخواست منظور ڪندي درخواستگذار کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي.

ٻئي طرف مدعي جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته جوابدار مدعي جو وڏو ڀاءُ آهي ۽ ٻنهي جو گڏيل ڪاروبار هو، جنهن تان گهر خريد ڪيو ويو.

وڪيل موجب جوابدار گهر کي ملڪيت ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ 1 ڪروڙ 75 لک رپين جو چيڪ ڏنو پر چيڪ ڪيش نه ٿيو ۽ جوابدار رقم ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدار کي چيڪ جي رقم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment