ڪراچي:
شهر قائد ۾ اقبال مارڪيٽ پوليس ۽نگي ٽائون سيڪٽر 11.50 واري علائقي ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب گرفتار جوابدار کي ابتدائي طبي امداد لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هٿيار ۽ ٻيو سامان پڻ هٿ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.


