عالمي جرنل افغان طالبان جي دهشتگرد تنظيمن جي اسپانسر شپ ۽ افغان سرزمين مان وڌندڙ دهشتگردي کي بي نقاب ڪري ڇڏيو.
آمريڪي جرنل يوريشيا ريويو موجب طالبان حڪومت دهشتگرد گروپن کي ختم ڪرڻ بدران خطي کي غير مستحڪم ڪندڙ شرپسندن جي مدد ڪرڻ ۾ مصروف آهي. افغانستان دهشتگرد تنظيمن جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي.
رپورٽ موجب طالبان فتني الخوارج، القائده ۽ ٻين دهشتگرد گروپن جي ميزباني ۽ سرپرستي ڪري رهيا آهن. طالبان جي دهشتگردن ۽ ويڙهاڪن جي بنيادي ڍانچي کي تباهه نه ڪرڻ جي ضد افغانستان کي دهشتگردن جي محفوظ پناهه گاهه بڻائي ڇڏيو آهي.
روسي ۽ آمريڪي انٽيليجنس ايجنسين موجب افغانستان ۾ فتني الخوارج، القائده ۽ ٻين تنظيمن سان واسطو رکندڙ هزارين پرڏيهي ويڙهاڪ موجود آهن.
ماهرن موجب افغانستان ۾ شدت پسندن جو بنيادي ڍانچو تباهه نه ڪرڻ ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته طالبان حڪومت دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ سنجيده ناهي. القاعده پاران پاڪستان خلاف فتني الخوارج کي جنگي حڪمت عملي ۽ تربيت فراهم ڪرڻ خطي جي سلامتي لاءِ چئلينج بڻجي ويو آهي.


