نيو يارڪ:
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس ۾ پاڪستان لبنان جي بگڙجندڙ صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ تي فوري ڪنٽرول ۽ جنگبندي تي موثر عملدرآمد جو مطالبو ڪيو آهي.
اجلاس کي خطاب ڪندي پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير عاصم افتخار احمد چيو ته لبنان ۾ جاري صورتحال رڳو علائقائي مسئلو ناهي پر هڪ سنگين انساني بحران آهي.
سندس چوڻ هو ته جنگبندي جي باوجود ملڪي حالتون بهتر ٿيڻ بدران خراب ٿي رهيون آهن.
اسرائيلي فوجي آپريشن ۽ لبناني علائقن ۾ دراندازي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي هن چيو ته ان سان نه رڳو شهري آبادي متاثر ٿي رهي آهي پر خطي جو سڄو توازن به خطري ۾ پئجي رهيو آهي.
پاڪستاني وفد موجب لکين ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن جڏهن ته بنيادي سهولتن جي حالت به انتهائي خراب آهي.
سفير عاصم افتخار احمد طبي عملدارن، امدادي ڪارڪنن ۽ شهري سهولتن کي نشانو بڻائڻ جي واقعن کي عالمي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي قرار ڏيندي عالمي برادري کان فوري ۽ موثر جواب جو مطالبو ڪيو.
هن لبنان جي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کي پهتل نقصان تي پڻ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اهڙيون ڪارروايون خطي کي وڌيڪ عدم استحڪام ڏانهن ڌڪي رهيون آهن.
پاڪستاني وفد واضح ڪيو ته پاڪستان لبنان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ سياسي آزادي جي مڪمل حمايت ڪري ٿو ۽ امن جي فروغ لاءِ هر ڪوشش سان گڏ بيٺل آهي.
هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 1701 تي مڪمل عملدرآمد ضروري آهي ۽ سمورين ڌرين کي جنگبندي جي معاهدي جي پاسداري ڪرڻ گهرجي.
اجلاس جي پڄاڻي تي پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته هو رڳو بيان بازي کان اڳتي نڪري وچ اوڀر ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻي ۽ پائيدار امن لاءِ راهه هموار ڪري.


