خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي مالي سال 27-2026ع جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، جنهن ۾ 48 ارب رپين جي خساري جو اندازو لڳايو ويو آهي، جڏهن ته ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌ ۽ گهٽ ۾ گهٽ پگهار 45 هزار ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. مالي سال 27-2026 جي بجيٽ پيش ڪندي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت جي خساري واري بجيٽ 48 ارب رپيا آهي ۽ بجيٽ جو ڪل حجم 2 هزار 122 ارب رپيا رکيو ويو آهي. هن چيو ته بجيٽ ۾ سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ 524 ارب رپيا رکيا ويا آهن، هلندڙ مالي سال ۾ 7952 نيون پوسٽون پيدا ڪيون ويون آهن، 1100 اسڪولن کي سولر انرجي تي منتقل ڪيو ويو آهي، ضم ٿيل ضلعن جي 10 هزار مردن ۽ ڇوڪرين ۾ 9 هزار رپيا ورهايا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته هلندڙ مالي سال ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ماڻهن لاءِ 4.29 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته نئين بجيٽ ۾ ضلعي حڪومتن لاءِ 52.8 ارب رپيا ۽ ضم ٿيل قبائلي ضلعن لاءِ 29 ارب رپيا رکيا ويا آهن. سهيل آفريدي چيو ته پرڏيهي امداد ۽ قرضن لاءِ 150 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، وفاق پي ايس ڊي پي تحت 5 ارب 18 ڪروڙ رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، جاري خرچن لاءِ 1 هزار 645 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. 45 هزار ماهوار پگهار، پينشن ۽ پگهارن ۾ 7 سيڪڙو واڌ جي تجويز خيبرپختونخواهه حڪومت سرڪاري ملازمن جي پگهار ۽ پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ماهوار پگهار 5 هزار مان وڌائي 45 هزار رپيا ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. هن چيو ته بجيٽ ۾ امن امان لاءِ 191 ارب رپيا رکيا ويا آهن، گڊ گورننس روڊ ميپ لاءِ 200 ملين رپيا، احساس مستحق پروگرام لاءِ 15 ارب رپيا ۽ هيلٿ ڪارڊ لاءِ 50 ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته ايم ٽي آءِ اسپتالن لاءِ 80 ارب رپيا ۽ بحالي پروگرام لاءِ 36 ارب رپيا، بي آر ٽي لاءِ 7.5 ارب رپيا ۽ خوشحال هزاره پروگرام لاءِ 4 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. سهيل آفريدي چيو ته بجيٽ ۾ اقليتي برادري جي خودمختياري لاءِ 51 ملين رپيا، احساس ڪسان پروگرام لاءِ 2 ارب رپيا ۽ پرڏيهه ۾ روزگار جي خواهشمند ماڻهن کي بنا سود قرضن جي فراهمي لاءِ 2 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي. هن چيو ته اليڪٽرڪ سائيڪل ۽ رڪشا منصوبن لاءِ 2.5 ارب رپيا، صحت لاءِ 334 ارب رپيا، تعليم لاءِ 468 ارب رپيا ۽ لوڪل گورنمينٽ کاتي لاءِ 90 ارب رپيا، گهرو کاتي لاءِ 29 ارب رپيا ۽ ٽرانسپورٽ لاءِ 14 ارب رپيا رکيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته صوبائي بجيٽ ۾ زراعت لاءِ 29 ارب رپيا، توانائي لاءِ 42 ارب رپيا ۽ زڪوات لاءِ 28 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي.
Source link

خيبرپختونخواهه 2122 ارب جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، پگهارن ۽ پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌ
Leave a Comment Leave a Comment

