ڪراچي پوليس راشد مهر روڊ تي بس ۾ عورتن کي ڏسي بدتميزي ڪندڙ شهري کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار بدتميزي جو اعتراف ڪندي وڊيو بيان پڻ رڪارڊ ڪرايو. ايڊيشنل ايس ايڇ او حفيظ ملڪ ٻڌايو ته ڄاڻايل شخص کي فيڊرل بي ايريا عصمت ڪارنر مان حراست ۾ ورتو ويو آهي، جنهن جي سڃاڻپ 45 ورهين جي ارسلان اعجاز جي نالي سان ٿي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪيس جي جاچ ڪئي پئي وڃي. ضلعي سينٽرل پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار جوهر آباد جو رهواسي آهي ۽ گرفتار جوابدار جاچ دوران بدتميزي جو اعتراف ڪندي وڊيو بيان پڻ رڪارڊ ڪرايو آهي. هن چيو ته جوابدار انڪشاف ڪيو ته هن گذريل ڏينهن لڪي ون کان ناگن چورنگي ويندڙ مين راشد منهاس روڊ تي اهو ڪم ڪيو هو. پوليس عملدارن چيو ته جوهرآباد پوليس پاران جوابدارن خلاف قانوني ۽ ضابطي جي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي ۽ پوليس عورتن کي حراسان ڪرڻ ۽ اخلاقي ڏوهن ۾ ملوث عنصرن خلاف زيرو ٽالرنس جي پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي ۽ شهرين خاص ڪري عورتن کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ ان سلسلي ۾ سخت ڪارروايون جاري رکيون وينديون.
Source link

ڪراچي؛ عورتن سان بدتميزي ڪندڙ جوابدار گرفتار
Leave a Comment Leave a Comment

