سنڌ حڪومت جو وڏو فيصلو، ڪيسن جي چالانن جي هاڻي سخت جاچ ٿيندي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي:

سنڌ حڪومت فوجداري ڪيسن جي جاچ جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ ڪيسن جي چالانن جي جاچ لاءِ خاص ذيلي ڪميٽي قائم ڪري اهم قدم کنيو آهي. ان حوالي سان سنڌ جي قانون واري کاتي باضابطا نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي جي سربراهي ڊي آءِ جي ڪرائم اينڊ انويسٽيگيشن سنڌ عامر فاروقي ڪندو، جڏهن ته 10 رڪني ڪميٽي ۾ مختلف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پراسيڪيوشن ادارن جا اعليٰ آفيسر شامل ڪيا ويا آهن.

ڪميٽي جي ميمبرن ۾ ڊي آءِ جي ويسٽ عرفان بلوچ، اي آءِ جي ليگل علي شير جکراڻي، ڊائريڪٽر ليگل اينٽي ڪرپشن محمد اشرف سومرو، ڊي جي نارڪوٽڪس ونگ، ايڪسائيز کاتي جا نمائندا ۽ سينيئر پراسيڪيوشن آفيسر شامل آهن.

حڪومتي نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي فوجداري ڪيسن ۾ چالان جي پري ٽرائل جاچ لاءِ جامع طريقيڪار ۽ ايس او پيز جوڙيندي ته جيئن عدالتن ۾ پيش ڪيل ڪيسن کي وڌيڪ مضبوط ۽ موثر بڻائي سگهجي.

ڪميٽي کي فوجداري ڪيسن ۾ قانوني ۽ انتظامي رڪاوٽن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ انهن جي حل لاءِ سفارشون ٺاهڻ ۽ حڪومت کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو ڪم پڻ ڏنو ويو آهي.

آفيسرن جو چوڻ آهي ته ان قدم جو مقصد تحقيقاتي عمل، چالان جي تياري ۽ پراسيڪيوشن سسٽم کي وڌيڪ موثر بڻائڻ آهي ته جيئن عدالتي فيصلي ۾ غير ضروري دير ۽ ٽيڪنيڪل خرابين کي گهٽائي سگهجي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment