مسلم ليگ ن جي ميمبر پنجاب اسيمبلي ارشد ملڪ 5 هزار رپين جي نوٽ تي نواز شريف جي تصوير لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پنجاب اسيمبلي جي اجلاس ۾ مسلم ليگ ن جي ايم پي اي ارشد ملڪ مطالبو ڪيو ته 5 هزار جي نوٽ تي نواز شريف جي تصوير هجڻ گهرجي.
ارشد ملڪ چيو ته 5 هزار جي نوٽ تي قائداعظم سان گڏ نواز شريف جي تصوير به هئڻ گهرجي.
پنجاب اسيمبلي جي ميمبر چيو ته نواز شريف ئي ملڪ کي ترقي جي طرف وٺي ويو.


