بي جي پي تي هندوتوا جي ايجنڊا تحت مسلم تشخص کي نشانو بڻائڻ جا الزام هڪ ڀيرو ٻيهر تيز ٿي ويا

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڀارت ۾ بي جي پي حڪومت خلاف هندوتوا جي ايجنڊا تحت مسلمانن جي مذهبي ۽ ثقافتي سڃاڻپ کي نشانو بڻائڻ جا الزام هڪ ڀيرو ٻيهر تيز ٿي ويا آهن..

ڀارتي رسالي مسلم مرر موجب اترپرديش رياست جي شهر واراناسي ۾ واقع هڪ هزار سال پراڻي تاريخي مسجد گنج شهيدن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته گذريل 45 ڏينهن ۾ 23 کان وڌيڪ مسجدون، مدرسا، عيد گاهه ۽ درگاهون ڊاهي پٽ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته مئي کان وٺي 20 کان وڌيڪ مسلمانن جي مذهبي هنڌن کي ڊاهڻ جو نشانو بڻايو ويو آهي.

مسلم مرر موجب، هندوتوا جي پاليسين ڪيترن ئي تاريخي مذهبي ماڳن کي نشانو بڻايو آهي، هڪ هزار سال پراڻي مسجد کان وٺي 200 سال پراڻي درگاه تائين.

رپورٽ ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته اتر پرديش جي سنڀل ۾ 600 سال پراڻي مزار کي عدالتي رليف نه ملڻ بعد ڊاهيو ويو.

ٻئي طرف پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري مسجد گنج شهيدن بابت رپورٽن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڀارت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو اقليتن جي حقن ۽ گڏيل ثقافتي ورثي جي تحفظ کي يقيني بڻائي.

ان دوران انساني حقن جي تنظيم جسٽس فار آل به ڀارت ۾ تاريخي مسلم مذهبي هنڌن جي تباهي ۽ انهن کي درپيش خطرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment