اسلام آباد:
اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ دوران واپار واري وزارت چيو ته مقامي آٽو ڪمپنيون پرڏيهه مان گاڏيون امپورٽ ڪرڻ جي مخالفت ڪري رهيون آهن.
قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين سيد نويد قمر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ نيشنل ٽيرف پاليسي 2025-30 تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.
واپار واري وزارت اجلاس کي ٻڌايو ته نيشنل ٽيرف سسٽم کي مڪمل ڊجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي. پنجين شيڊول کي پڻ مڪمل طور تي منطقي بڻايو ويندو. استعمال ٿيل گاڏين جي درآمد تي ريگيوليٽري ڊيوٽي 40 سيڪڙو مان گهٽائي 30 سيڪڙو ڪئي ويندي جڏهن ته گاڏين جي درآمد تي 5 سالن جي پابندي هٽائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
سيڪريٽري ڪامرس چيو ته ان اقدام جو مقصد صارفين جي ڀلائي ۽ مارڪيٽ ۾ مقابلي کي فروغ ڏيڻ آهي.
ڪميٽي جي چيئرمين سيد نويد قمر چيو ته آٽو انڊسٽري ڊگهي عرصي کان غير معمولي تحفظ حاصل ڪري رهي آهي، جڏهن ته مقامي آٽو ڪمپنيون ٻاهرين ملڪن مان گاڏيون امپورٽ ڪرڻ جي مخالفت ڪري رهيون آهن، گاڏين جي درآمد سان مقابلي ۾ اضافو ٿيندو ۽ قيمتون گهٽ ٿينديون.
اجلاس دوران واپار واري سيڪريٽري جواد پال ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نيشنل ٽيرف پاليسي تحت درآمدي ڊيوٽي کي مرحليوار گهٽ ڪيو ويندو ۽ ايندڙ 5 سالن ۾ سراسري ٽيرف 20.19 سيڪڙو مان گهٽائي 9.70 سيڪڙو ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.
بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڪسٽم ڊيوٽي جي سراسري شرح 11.93 سيڪڙو مان گهٽائي 9.70 سيڪڙو ڪئي ويندي جڏهن ته 5 سالن ۾ اضافي ڪسٽم ڊيوٽي مڪمل طور ختم ڪرڻ ۽ ريگيوليٽري ڊيوٽي کي مرحليوار صفر تي آڻڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
هن چيو ته پاليسي جو بنيادي مقصد معيشت ۾ مقابلي کي فروغ ڏيڻ آهي. ڪسٽم ڊيوٽي جي وڌ ۾ وڌ شرح 15 سيڪڙو تائين محدود هوندي. اضافي ڪسٽم ڊيوٽي جي شرح پهرين 6 سيڪڙو مان گهٽائي 4 سيڪڙو، پوءِ 2 سيڪڙو ۽ بعد ۾ صفر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته ريگيوليٽري ڊيوٽي جي وڌ ۾ وڌ شرح 20 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه 1 سيڪڙو، 2 سيڪڙو ۽ 2.5 سيڪڙو جي ريگيوليٽري ڊيوٽي ختم ڪئي ويندي.
اختيارين موجب، ٽيرف ريجنلائيزيشن سان قومي ناڻي تي 143.4 ارب رپين جو روينيو اثر پوڻ جو اندازو آهي.
اجلاس دوران ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته توانائيءَ جي قيمتن ۽ صنعتن لاءِ سهولتن جو به خيال رکيو وڃي ۽ اهڙيون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، جيڪي چين پنهنجي صنعتن کي فراهم ڪري رهيون آهن.
ڪميٽي جي ميمبر مرزا اختر بيگ سوال اٿاريو ته ڪسٽم ڊيوٽي ۾ گهٽتائي سبب روينيو جو نقصان ڪيئن ٿيندو، جنهن تي واپار واري سيڪريٽري جواد پال جواب ڏنو ته روينيو کي پورو ڪرڻ لاءِ ٻيا به قدم کنيا ويندا.
ڪميٽي جي چيئرمين سيد نويد قمر چيو ته برآمدات وڌائڻ جي ضرورت تي مسلسل زور ڏنو پيو وڃي. موجوده ڪوششون صحيح رخ ۾ هڪ قدم آهن.
ڪميٽي ميمبر شرميلا فاروقي پڇاڻو ڪيو ته ڊيوٽي ۾ گهٽتائي ۽ سڌارن جو صارفين جي قيمتن تي ڪهڙو اثر پوندو ۽ ڇا ان حوالي سان هڪ سال جي تخميني جو جائزو ورتو ويو آهي.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل سال ريگيوليٽري ڊيوٽي 50 سيڪڙو هئي جيڪا گهٽائي 20 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته نيشنل ٽيرف پاليسي تحت مختلف ٽيرف جي شرحن ۾ وڌيڪ گهٽتائي جاري رهندي.
آمريڪي ٽيرف پاليسي جي حوالي سان ڊاڪٽر نفيسه شاهه سوال ڪيو ته آمريڪا پاڪستان تي ڪهڙا ٽيرف لاڳو ڪيا آهن.
واپار واري سيڪريٽري جواب ڏنو ته في الحال 10 سيڪڙو ٽيرف لاڳو آهي، جيڪو سڀني ملڪن تي لاڳو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته آمريڪا اهي قدم واپاري خسارو گهٽائڻ لاءِ کنيا پر بعد ۾ آمريڪي سپريم ڪورٽ ٽيرف لاڳو ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو.
ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته آمريڪا واپار جي حوالي سان انتهائي تيزيءَ سان وڃي رهيو آهي.
اجلاس ۾ استعمال ٿيل گاڏين جي درآمد بابت تجويزن تي به غور ڪيو ويو.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته استعمال ٿيل گاڏين جي درآمد تي ريگيوليٽري ڊيوٽي 40 سيڪڙو مان گهٽائي 30 سيڪڙو ڪئي ويندي جڏهن ته گاڏين جي درآمد تي 5 سالن جي پابندي هٽائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. سيڪريٽري ڪامرس چيو ته ان اقدام جو مقصد صارفين جي ڀلائي ۽ مارڪيٽ ۾ مقابلي کي فروغ ڏيڻ آهي.
ان موقعي تي ڪميٽي جي چيئرمين سيد نويد قمر چيو ته آٽو انڊسٽري ڊگهي عرصي کان غير معمولي تحفظ حاصل ڪري رهي آهي. مقامي آٽو ڪمپنيون پرڏيهه مان گاڏين جي درآمد جي مخالفت ڪري رهيون آهن.
هن چيو ته گاڏين جي درآمد سان مقابلو وڌندو ۽ قيمتون گهٽ ٿينديون.
بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته گاڏين جي معيار بابت معيارن جو انگ 19 مان وڌائي 62 ڪيو ويو آهي، جنهن تي ڪميٽي جي ميمبر حنا رباني کر سوال اٿاريو ته جڏهن 19 معيارن تي موثر عمل نه ٿي سگهيو ته 62 معيارن تي عملدرآمد کي ڪيئن يقيني بڻايو ويندو.


