فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي آفيشل ميچ بال ’ٽرينڊا‘ خلا جو سفر ڪري ورتو آهي. آمريڪي خلائي ايجنسي ناسا هڪ خاص تجربي لاءِ بال کي انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن تي کڻي وئي، جنهن جو مقصد اهو معلوم ڪرڻ هو ته بال جي بيلنسنگ، سينٽر آف ماس ۽ اندر نصب جديد سينسر ٽيڪنالاجي ان جي حرڪت ۽ ڪارڪردگي کي ڪيئن متاثر ڪري ٿي. ناسا جي مطابق، ساڪر انجنيئر بال کي اهڙي طرح ڊزائين ڪندا آهن ته اها ميدان تي تمام متوازن ۽ پيش گوئي انداز ۾ هلندي آهي. خلا ۾ ڪيل تجربن مان اهو سمجهڻ ۾ مدد ملي ته ڪيئن ميچ بال ۾ نصب سينسرز ۽ ٻيون جديد ٽيڪنالاجيون راند دوران ان جي ڪارڪردگي تي اثرانداز ٿي سگهن ٿيون. انسٽاگرام تي هي پوسٽ ڏسو دلچسپ ڳالهه اها آهي ته فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ۾ استعمال ٿيندڙ آفيشل بالز پاڪستان جي شهر سيالڪوٽ ۾ تيار ڪيون ويون آهن. ٽريونڊا بال کي جرمن ڪمپني ايڊيڊاس طرفان ڊزائين ڪيو ويو آهي ۽ آمريڪا، ڪئناڊا ۽ ميڪسيڪو ۾ 2026 فيفا ورلڊ ڪپ جي آفيشل ميچ بال آهي. ان ۾ ترقي يافته ’ڪنيڪٽڊ بال ٽيڪنالاجي‘ ۽ خاص ايروڊائينامڪ ڊيزائن، بال جي اڏام ۽ درستگي کي بهتر بڻائي ٿي. ماهرن جو چوڻ آهي ته خلا ۾ ڪيل اهي تجربا نه رڳو راندين جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا پر مستقبل ۾ راندين جي ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ لاءِ به اهم هوندا.
Source link

فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي آفيشل ميچ بال خلا ۾ هلي وئي
Leave a Comment Leave a Comment

