اسلام آباد:
اڊيالا جيل سپرنٽينڊنٽ انڪشاف ڪيو آهي ته عمران خان ۽ بشرا بي بي جا پاور آف اٽارني 16 جون تي دستخط ٿيڻ بعد تيار ٿي ويا هئا، بئريسٽر سلمان صفدر کي 16 جون تي ٽيڪسٽ ميسيج ذريعي ٻڌايو ويو ته پاور آف اٽارني تيار آهي پر وڪيل جان بوجھ ڪري 18 جون جي ٻڌڻي کان اڳ پاور آف اٽارني حاصل نه ڪيو.
ايڪسپريس نيوز موجب اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ 19 ڪروڙ 90 لک پائونڊ ريفرنس ۾ وڪيلن جي دستخطن واري ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.
سپرنٽينڊنٽ جيل جو چوڻ هو ته سلمان صفدر پاور آف اٽارني جي دستخط جي حوالي سان عدالت کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، عدالتي حڪم موجب پاور آف اٽارني 16 جون تي دستخط ڪرڻ بعد تيار آهي، سلمان صفدر کي 16 جون تي ٻڌايو ويو ته پاور آف اٽارني تيار آهي.
پنهنجي جواب ۾ اڊيالا جيل سپرنٽينڊنٽ سلمان صفدر کي موڪليل ٽيڪسٽ ميسيج جو اسڪرين شاٽ به لڳايو ۽ چيو ته 18 جون جي ٻڌڻي کان اڳ باني ۽ بشرا جي وڪيل کي جان بوجھ ڪري وڪيل جا خط نه مليا.
واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وڪيلن جي نالن تي صحيح نه ڪرڻ تي اڊيالا جيل سپرنٽينڊنٽ کان جواب طلب ڪيو هو.


