جسٽس منيب اختر پاڪستان جي وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منيب اختر وقتي چيف جسٽس آف پاڪستان جو حلف کڻي ورتو.

حلف برداري جي تقريب سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٿي، جنهن ۾ جسٽس محمد شفيع صديقي کانئس حلف ورتو.

ان حوالي سان جاري ڪيل بيان موجب حلف برداري واري تقريب ۾ وفاقي آئيني عدالت ۽ سپريم ڪورٽ جي ججن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ عدالت جي معززين ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا.

واضح رهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي پرڏيهه ۾ موجودگي سبب جسٽس منيب اختر وقتي چيف جسٽس آف پاڪستان جا فرض سرانجام ڏيندو. هو چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي واپسي تائين اهي فرض سرانجام ڏيندو.

جاري ڪيل پڌرائي موجب چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي 24 کان 26 جون تائين روس جي شهر سينٽ پيٽرزبرگ ۾ ٿيندڙ انٽرنيشنل ليگل فورم ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment