مختلف ڏوهن ۾ ملوث افغان پناهگيرن جو غير قانوني طور تي رهائش ميزبان ملڪن لاءِ سيڪيورٽي ۽ انتظامي چئلينج بڻجي رهيو آهي.
ترڪي ۽ جرمني قتل، منشيات ۽ انساني اسمگلنگ سميت ٻين ڏوهن ۾ ملوث افغان شهرين خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪري ڇڏيو.
ترڪي جي اخبار اخلاص نيوز ايجنسي ۽ افغانستان انٽرنيشنل موجب ترڪي جي سڪيورٽي فورسز 5 انساني اسمگلر ۽ 11 غير قانوني افغان پناهگيرن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا آهن جڏهن ته صوبي آغدير ۾ ڪارروائي ڪئي وئي آهي.
11 غيرقانوني افغان پناهگيرن کي ڊيپوٽيشن سينٽرن ۽ 5 کي پراسيڪيوٽر آفيس منتقل ڪيو ويو.
هلندڙ سال جي پهرين 5 مهينن ۾ ترڪي مان 16 هزار 436 افغان پناهگيرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.


