مودي جي مجرمانه خاموشي جي ڪري، مني پور ۾ بدترين نسلي فساد 1990 جي طرز جي گهرو ويڙهه ڏانهن وڌي رهيا آهن.
ڀارتي ميڊيا جيڪا پاڙيسري ملڪن جي اندروني معاملن تي پروپيگنڊا ڪندي آهي، مني پور جي تباهي تي مڪمل خاموش آهي.
ڀارتي اخبار هندستان ٽائمز موجب مودي جي نااهلي سبب اُڪرال ۾ قبائلي تڪرار ۾ 50 گهر تباهه ۽ 20 ڄڻا مارجي ويا.
پروفيسر اجيليو نيومائي جي مطابق، مودي سرڪار جي لاپرواهيءَ سبب پيدا ٿيندڙ تڪرار 90 واري ڏهاڪي جي گهرو ويڙهه کان وڌيڪ تباهي واري آهي.
مني پور جي قبائلي اڳواڻن مودي جي انتها پسند هندوتوا نظام تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو ۽ آخرڪار هڪ الڳ انتظاميه جو اعلان ڪيو.
مني پور جي هڪ مشهور صحافي ڌيرين سدوڪپم موجب، مودي جي سرپرستي هيٺ انتهاپسند عنصر مني پور کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. چيئرمين هل ايريا ڪميٽي، جنرل سيڪريٽري ٿادو انپي مني پور ۽ ٻين مقامي اڳواڻن حڪومتي پاليسين تي سخت مايوسي جو اظهار ڪيو.


