جنيوا: گڏيل قومن پنهنجي تازي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته ميانمار جي فوج گذريل سال جي چونڊن دوران ڇهن مهينن دوران 700 کان وڌيڪ شهرين جي موت جي ذميوار آهي. رپورٽ موجب فوجي آپريشن ۾ عورتن ۽ ٻارن جو وڏو انگ به متاثر ٿيو آهي.
گڏيل قومن جي انساني حقن واري اداري پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب آگسٽ 2025 کان جنوري 2026 تائين جي عرصي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 702 شهرين جي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي، مارجي ويلن ۾ 224 عورتون ۽ 153 ٻار شامل آهن.
رپورٽ موجب هوائي حملا شهرين جي جاني نقصان جو وڏو سبب بڻيا. گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته گهٽ ۾ گهٽ 505 ماڻهو جنگي جهازن، ڊرونز، پيرا موٽرز ۽ ٻين هوائي حملن ۾ مارجي ويا آهن. مارجي ويلن ۾ 175 عورتون ۽ 112 ٻار شامل آهن.
گڏيل قومن جي ترجمان روينا شمداساني صحافين کي ٻڌايو ته رپورٽ ۾ درج ٿيل 702 موت سڌو سنئون ميانمار جي فوج سان منسوب ڪيا ويا آهن. جڏهن ته، هن واضح ڪيو ته رپورٽ ۾ ٻين هٿياربند گروپن جي سڀني موتن کي شامل نه ڪيو ويو آهي ۽ اصل انگ وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.
ميانمار جي گهرو ويڙهه 2021 ۾ فوجي بغاوت کانپوءِ شروع ٿي، جڏهن فوج هڪ چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪري اقتدار سنڀاليو. بعد ۾ فوجي حڪومت محدود چونڊون ڪرايون، جن تي عالمي سطح تي تنقيد ڪئي وئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته چونڊ عمل کان اڳ سڄي ملڪ ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون، عدم استحڪام ۽ سيڪيورٽي بحران نمايان هئا. گڏيل قومن موجب ڪيترن ئي اهڙن واقعن جي تصديق ٿي آهي جن آزاد ۽ شفاف چونڊن لاءِ ضروري بنيادي حقن ۽ آزادين کي سخت نقصان پهچايو آهي.
رپورٽ موجب شهري جاني نقصان ٻن دورن دوران تمام گهڻو وڌيو، هڪ آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ جڏهن چونڊن جو اعلان ٿيو ۽ ٻيو ڊسمبر ۾ جڏهن فوج مختلف علائقن تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
گڏيل قومن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ميانمار جي صورتحال کي انصاف جي عالمي عدالت ڏانهن رجوع ڪري ۽ ميانمار کي هٿيارن، جيٽ فيول ۽ ٻين مواد جي فراهمي بند ڪري جيڪا عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ۾ استعمال ٿي سگهي ٿي.
انساني حقن جي ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته ميانمار ۾ جاري بحران ڏکڻ ايشيا جي بدترين انساني المين ۾ تبديل ٿي ويو آهي ۽ عالمي برادري کي فوري قدم کڻڻ گهرجن.


