فلسطيني نسل ڪشي ۾ برطانيه جو اسرائيل سان تعاون، آزاداڻي جاچ ڪرائڻ جو بل پارليامينٽ ۾ پيش

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


لنڊن: برطانيه جي ليبر پارٽي جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ ايم پي جيريمي ڪوربن هڪ ڀيرو ٻيهر پارليامينٽ ۾ هڪ بل پيش ڪيو آهي جنهن ۾ غزه جنگ دوران اسرائيلي فوجي آپريشن ۾ برطانيه جي ممڪن ڪردار جي آزاد ۽ عوامي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

جريمي ڪوربن جو چوڻ آهي ته برطانيه کي جاچڻ گهرجي ته ڇا هن اسرائيل جي فوجي آپريشن لاءِ ڪنهن به سطح جي مدد فراهم ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته ان تحقيق ۾ مختلف پهلوئن جو جائزو وٺڻ گهرجي، جن ۾ هٿيارن جي فراهمي، نگراني لاءِ استعمال ٿيندڙ جهاز ۽ برطانوي هوائي اڏن جو ممڪنه استعمال شامل آهن.

اڳوڻي مزدور اڳواڻ پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪيئر اسٽارمر وزيراعظم جو عهدو ڇڏي چڪو آهي پر غزه جنگ دوران سندس حڪومتي ڪردار کي وساري نٿو سگهجي. ڪوربن چيو ته سندس لاءِ معاملي جي شفاف جاچ ضروري آهي ته جيئن عوام کي حقيقتن کان آگاهه ڪري سگهجي.

جيريمي ڪوربن به گذريل سال پارليامينٽ ۾ اهڙو ئي بل پيش ڪيو هو پر ان وقت جي حڪومت بل جي ٻي ريڊنگ دوران ان جي مخالفت ڪئي ۽ ان کي اڳتي وڌڻ نه ڏنو ويو.

بل جي رد ٿيڻ کانپوءِ ڪوربن غزه تي ٻه ڏينهن وارو پبلڪ ٽربيونل به منعقد ڪيو، جنهن ۾ فلسطيني شهرين، طبي ماهرن، امدادي ڪارڪنن ۽ قانوني ماهرن پنهنجا بيان ۽ ثبوت پيش ڪيا. هن چيو ته انهن شاهدين جي روشني ۾ آزاداڻي جاچ جي ضرورت وڌي وئي آهي.

سياسي مبصرن موجب جيرمي ڪوربن جو نئون اقدام غزه جنگ ۽ وچ اوڀر جي پاليسين تي برطانيه ۾ جاري بحث کي تيز ڪري سگهي ٿو، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن برطانوي سياست قيادت جي تبديليءَ جي دور ۾ آهي ۽ پرڏيهي پاليسي بابت نوان سوال اٿاريا پيا وڃن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment