اسپين جي نوجوان فٽبال اسٽار لامين يامل فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ۾ نه رڳو پنهنجي شاندار ڪارڪردگيءَ تي پر هڪ جذباتي لمحي لاءِ به سرخين ۾ اچي ويو.
18 ورهين جي لامين يامل گروپ اسٽيج جي ميچ ۾ اسپين جي سعودي عرب کي 0-4 تان هارائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
هن ميچ جي 10هين منٽ ۾ گول ڪري پنهنجي ٽيم کي برتري ڏياري.
گول ڪرڻ کان پوءِ فوري طور تي، لامين يامل ميدان تي گوڏن ڀر ڪري سجدو ڪيو.
سندس دل کي ڇهندڙ انداز اسٽيڊيم ۾ موجود مداحن سان گڏ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن جي توجه جو مرڪز بڻجي ويو.
ميچ جون وڊيوز ۽ تصويرون تيزيءَ سان مختلف پليٽ فارمن تي وائرل ٿي ويون جتي مداحن نوجوان رانديگر جي جذبي ۽ عاجزي کي ساراهيو.
ڪيترن ئي صارفين ان کي ٽورنامينٽ جي يادگار لمحن مان هڪ قرار ڏنو آهي.


