فيلڊ مارشل جي ڪوششن کانسواءِ ايران آمريڪا ڳالهين ۾ اڳڀرائي ممڪن نه هجي ها: وزيراعظم

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته فيلڊ مارشل جي ڪوششن کانسواءِ ايران آمريڪا ڳالهين ۾ اڳڀرائي ممڪن نه هجي ها.

سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جي حوالي سان سوئٽزرلينڊ جي شهر برگن اسٽاڪ ۾ منعقد ٿيندڙ پهرين اعليٰ سطحي ڪميٽي جي اجلاس جي ڪاميابيءَ جي آجيان ڪئي آهي.

هن چيو ته اجلاس ۾ روڊ ميپ تي اتفاق ڪيو ويو ته 60 ڏينهن اندر حتمي معاهدي تائين پهچڻ، سياسي نگراني لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙڻ ۽ وڌيڪ ٽيڪنيڪل ڳالهين جي شروعات ڪئي ويندي.

وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسلام آباد ۾ مفاهمتي ياداشت جي فريم ورڪ تحت پهريون اعليٰ سطحي ڪميٽي جو اجلاس ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتو. ڳالهيون مثبت ۽ تعميري ماحول ۾ ٿيون ۽ حوصلا افزا پيش رفت ٿي.

شهباز شريف تعميري ڳالهين لاءِ آمريڪا ۽ ايران جي قيادت جي مسلسل عزم جي واکاڻ ڪئي ۽ سمورن دوست ۽ برادر ملڪن جو شڪريو ادا ڪيو جن هن تاريخي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ قيمتي سهڪار ڪيو.

هن خاص طور تي قطر جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۾ قطر جو ڪردار اهم رهيو. وزيراعظم ڳالهين جي ميزباني ۽ سهولت فراهم ڪرڻ تي سوئس حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا.

هن فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته انهن ڳالهين کي ڪامياب بڻائڻ ۾ سندس انتھڪ محنت، عزم ۽ حوصلي جو اهم ڪردار آهي. شهباز شريف چيو ته هي ترقي فيلڊ مارشل جي ڪوششن کانسواءِ ممڪن نه هجي ها.

هن ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي آفيس جي ٽيم جي سفارتي ڪوششن کي به ساراهيو، جڏهن ته گهرو وزير محسن نقوي جون خدمتون به ڳالهين جي ڪاميابي ۾ اهم آهن.

وزيراعظم ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان تڪرارن جي پائيدار ۽ پرامن حل کي يقيني بڻائڻ لاءِ امن، ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي فروغ لاءِ پنهنجو مخلص ۽ مثبت ڪردار جاري رکندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment