اين ايف سي ايوارڊ ۾ سڌارن ۽ زرعي آمدني تي ٽيڪس لڳائڻ جي عالمي بئنڪ جي سفارش

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


ورلڊ بئنڪ اين ايف سي ايوارڊ ۾ سڌارن جي سفارش ڪري ڇڏي.

ايڪسپريس نيوز موجب ورلڊ بينڪ جو چوڻ آهي ته قرضن جي واپسي، سوشل سيڪيورٽي، انفراسٽرڪچر، سيڪيورٽي ۽ ماحولياتي تحفظ سميت اهم قومي منصوبن ۽ شعبن جو مالي بار وفاقي حڪومت ۽ صوبن کي گڏجي برداشت ڪرڻ گهرجي.

ان کان علاوه عالمي زرعي آمدني تي ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۽ پراپرٽي ٽيڪس جي يونيفارم لاڳو ڪرڻ تي به زور ڏنو آهي.

عالمي بئنڪ وفاقي مالياتي نظام کي مضبوط ڪرڻ بابت بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ اين ايف سي ايوارڊز ۽ اضافي مراعات کي ڪارڪردگي، شفافيت، مالي نظم و ضبط ۽ بهتر خدمتن سان ڳنڍڻ جي سفارش ڪري ٿي.

عالمي بئنڪ قرضن جي واپسي، انفراسٽرڪچر، سماجي تحفظ، سيڪيورٽي ۽ ماحولياتي منصوبن ۾ اڳڀرائي لاءِ گڏيل تعاون تي زور ڏنو آهي.

ترقي لاءِ مالياتي نظام جي مضبوط وفاق بابت جاري ڪيل رپورٽ موجب 18هين آئيني ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ سان صوبن جون ذميواريون ۽ روينيو وڌي ويو آهي پر قومي مالياتي نظام ۾ ڪمزوريون برقرار آهن.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي خرچن ۾ گهٽتائي ناهي آئي، 2010ع کان 2024ع جي وچ ۾ صوبائي روينيو 4 سيڪڙو مان وڌي 6.5 سيڪڙو ٿي ويو، لوڪل گورنمينٽ جا خرچ 10 سيڪڙو مان گهٽجي صرف 5 سيڪڙو ڪيا ويا پر مالياتي نظم و ضبط، روينيو ۽ عوام کي صحت ۽ تعليم سميت سهولتن جي فراهمي جا چئلينجز برقرار آهن.

ورلڊ بئنڪ موجب صوبن وٽ موجود سرپلس فنڊز جو 80 سيڪڙو جاري خرچن جهڙوڪ پگهارن ۽ پينشن تي خرچ ٿيندو آهي.

رپورٽ موجب جي ڊي پي ۾ زراعت جو حصو 20 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي پر وڏو حصو ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر آهي، زرعي آمدني تي ٽيڪس جي موثر نفاذ ۽ پراپرٽي ٽيڪس جو هڪ جهڙو نظام آڻڻ تي زور ڏنو ويو آهي.

ورلڊ بئنڪ موجب پاڪستان جي ٽيڪس کان جي ڊي پي جو تناسب 9.9 ناکافي ۽ خطي ۾ سڀ کان گهٽ آهي. اها شرح ايٿوپيا ۾ 10.2 سيڪڙو، انڊونيشيا ۾ 10.3 سيڪڙو، مصر ۽ ميڪسيڪو ۾ 12.6 سيڪڙو، ويٽنام ۾ 14.3 سيڪڙو، هندستان ۾ 16.8 سيڪڙو ۽ ترڪي ۾ 17.5 سيڪڙو آهي.

رپورٽ ۾ پاڪستان جي ٽيڪس نظام کي يونيفارم، جي ايس ٽي سسٽم کي هموار ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment