وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جده ۾ مڪي ريجن جي قائم مقام گورنر شهزادي سعود بن مشعل بن عبدالعزيز سان ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي جده جو گورنر شهزادو سعود بن عبدالله بن الجولي، طائف جو گورنر شهزادو سعود بن نهار بن سعود ۽ شاهي خاندان جا معزز ماڻهو پڻ موجود هئا.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاڪستان-سعودي تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو جڏهن ته عمري ۽ حج جي بهترين انتظامن تي قائم مقام گورنر مڪي ريجن جو به خاص شڪريو ادا ڪيو.
وقتي گورنر مڪه ريجن پي سي بي ۽ سعودي عرب ڪرڪيٽ فيڊريشن وچ ۾ معاهدي جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏيڻ ۽ هر ممڪن تعاون جي عزم کي ورجايو.
وقتي گورنر جده ۾ پهريون عالمي معيار جي اسٽيڊيم ٺاهڻ جي فيصلي کي ساراهيو، سعودي گورنر پنهنجي علائقي ۾ اسٽيڊيم جي تعمير لاءِ پي سي بي سان مڪمل تعاون جو اظهار ڪيو.


