پاڪستان نيوي جي رٽائرڊ ڪمانڊر عامر هندال جي ڀاءُ، جيڪو پنهنجي خاندان سميت ڍنڍ سيف الله سانحي ۾ مارجي ويو، قتل جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.
مقتول ليفٽيننٽ ڪمانڊر عامر هندال جي ڀاءُ نويد چيما ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ان سانحي جي پويان حڪومت جي بدترين نااهلي آهي.
هن چيو ته هتي ڪي به احتياطي اپاءَ نه ورتا ويا، نه لائف جيڪٽس ڏنيون ويون، جنهن هنڌ سانحو ٿيو اتي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، ڪنهن به اسان کي جاچ بابت ڪجهه ناهي ٻڌايو.
نويد چيما چيو ته مان خاموش نه ويهڻ وارو آهيان، ان معاملي جي جاچ ڪرائيندس، منهنجي ٽن نسلن کي هن سانحي ۾ ماريو ويو آهي، جنهن کي بچائيندڙ هڪ هڪ ٻه لاش کڻي اچي رهيا هئا ته رستي ۾ پيٽرول ختم ٿي ويو.
هن چيو ته حڪومت کي به ان حوالي سان جاچ ڪرڻ گهرجي ڇو ته ڪمانڊر امير هندل جو سندس گهرڀاتين سان ملڪيت جو تڪرار هلندڙ هو ۽ کيس مارڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون هيون.
هن چيو ته عامر جي ڌيئرون ۽ هڪ پوٽو سانس وٺي رهيا هئا جڏهن کين بچايو ويو. ٻار کي سي آر پي ڏيڻ جي فوٽيج موجود آهي. جيڪڏهن اهو ٻار زنده رهي ها ته هو خاندان جي روشني هجي ها.
سوال آهي ته رستي ۾ ايمبولينس جو پيٽرول ختم ٿي ويو، اسپتال ۾ عملي جي نه هجڻ سبب فوري طبي امداد نه ڏني وئي، انهن سمورن معاملن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ٻنهي صوبن جي پوليس کي معاملي جي جاچ ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته ڪمانڊر عامر جي ڀائٽي سندس فارم هائوس تي قبضو ڪري اتي منشيات جو دڪان قائم ڪري ڇڏيو آهي، عامر هندال آر پي او کي به قبضو هٽائڻ جي درخواست ڪئي هئي.
ياد رهي ته پهرين جولاءِ تي لاهور جو امير هندل پنهنجي ڪٽنب سميت مهونڊ جي علائقي سيف الله ڍنڍ ۾ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي رهيو هو ته ٻيڙي اونڌي ٿي وئي.
حادثي جي نتيجي ۾ خاندان جا 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، جن ۾ اڳوڻو ليفٽيننٽ ڪمانڊر عامر هندل، سندس 20 ورهين جو پٽ عبدالله هندل، 2 ڌيئرون 27 ورهين جي پروا هندل ۽ 23 ورهين جي رويل هندل شامل آهن، جڏهن ته پروا هندل جا ٻه ننڍڙا ٻار پڻ شامل آهن.


