ٽرمپ کان خامنه اي جي رت جو بدلو وٺڻ؛ ايراني حڪومت عوامي مطالبي تي وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


شهيد آيت الله خامنه اي جي جنازي جي پهرئين ڏينهن لکين ماتم ڪندڙن انتقام جي علامت طور ڳاڙها جهنڊا کڻي ٽرمپ ۽ آمريڪا کان مطالبو ڪيو ته سپريم ليڊر جي قتل جو بدلو ورتو وڃي.

عالمي خابرو اداري موجب ٽرمپ ۽ آمريڪا کان انتقام وٺڻ لاءِ لکين ماتم ڪندڙن جي نعرن جي گونج ايراني حڪومت تائين به پهچي وئي آهي ۽ پرڏيهي وزارت خاص بيان جاري ڪيو آهي.

پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايران آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف قانوني، سفارتي ۽ سياسي محاذ تي انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو ۽ اهو معاملو ايراني قوم جي مستقل قومي ترجيح رهندو.

ايراني پرڏيهي وزارت جي بيان ۾ عوام کي يقين ڏياريو ويو آهي ته آيت الله علي خامنه اي جي قتل جي ذميوارن جو احتساب ڪرڻ لاءِ هر ممڪن عالمي وسيلا استعمال ڪيا ويندا.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي تدفين ۾ خطي ۽ سڄي دنيا مان اعليٰ سطحي حڪومتي ۽ مذهبي وفدن جي شرڪت سندس عالمي حيثيت، اثر رسوخ ۽ ايراني عوام سان يڪجهتي جو واضح ثبوت آهي.

ايران هڪ ڀيرو ٻيهر موقف اختيار ڪيو ته آيت الله علي خامنه اي ۽ سندس خاندان جي شهادت آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل ڪارروائي جو نتيجو آهي، جيڪا عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي.

ايران جي پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ واضح ڪيو ته ايران ان معاملي کي سمورن ضروري عالمي فورمن تي اٿاريندو رهندو ۽ ذميوار عنصرن خلاف قانوني ڪارروائي جي امڪان تي به ڪم جاري آهي.

پرڏيهي وزارت جي بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 100 کان وڌيڪ ملڪن جي نمائندن جي موجودگي عالمي سطح تي ايران جي حمايت ۽ احترام جي علامت آهي.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته تهران ۾ لکين ماڻهو شهيد آيت الله خامنه اي کي الوداع ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا، جيڪو ايراني عوام جي پنهنجي اڳوڻي سپريم ليڊر سان گهري وابستگي جي عڪاسي آهي.

واضح رهي ته آيت الله خامنه اي 28 فيبروري تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل حملي ۾ پنهنجي خاندان ۽ فوجي قيادت سميت شهيد ٿي ويو هو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment