ڪولمبيا پري ڪوارٽر فائنل ۾ گھانا کي 0-1 تان شڪست ڏئي فيفا ورلڊ ڪپ جي آخري 16 اسٽيج لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو.
ميچ جو واحد ۽ فيصلو ڪندڙ گول 14هين منٽ ۾ جوآن ايرياز ڪيو جڏهن هن لوئس سواريز جي شاندار ڪراس کانپوءِ بال کي جال ۾ وڌو.
ان کان اڳ ڪولمبيا جو اسٽرائڪر جوآن ڪورڊوبا انجري سبب ميدان ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويو هو، جڏهن ته گھانا جو محافظ مارون سينا به هيمسٽرنگ انٽري جو شڪار ٿي ويو هو.
ڪولمبيا سڄي مقابلي ۾ حملا ڪندو رهيو پر گھانا جي گول ڪيپر لارنس زيگي ڪيترائي شاندار بچاءُ ڪري پنهنجي ٽيم کي وڌيڪ نقصان کان بچائي ورتو.
لوئس ڊياز پاران هڪ گول آف سائڊ ڪيو ويو جڏهن ته ڪيترائي موقعا پڻ ضايع ڪيا ويا.
ٻئي طرف گھانا جي ٽيم سڄي ميچ ۾ هڪ به شاٽ نشانو بڻائي نه سگهي جڏهن ته سڄي ٽورنامينٽ ۾ ان جي جارحاڻي ڪارڪردگي انتهائي مايوس ڪندڙ رهي.
ان ڪاميابي کانپوءِ ڪولمبيا جي ايندڙ ميچ سوئٽزرلينڊ سان ٿيندي، جڏهن ته ڪاميابي جي صورت ۾ ڪوارٽر فائنل ۾ ارجنٽائن سان ممڪنه ٽڪراءُ جو امڪان آهي.
ٻئي طرف گھانا ٽورنامينٽ مان آئوٽ ٿيڻ واري ستين آفريڪي ٽيم بڻجي وئي، جڏهن ته ايونٽ ۾ رڳو مراڪش ۽ مصر جون ٽيمون ئي بچيون آهن.


