ممبئي: بالي ووڊ سپر اسٽار عامر خان اڄ پنهنجي دوست گوري روح سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو.
رپورٽن مطابق ممبئي ۾ سندس رهائشگاهه تي هڪ سادي ۽ محدود تقريب منعقد ڪئي وئي آهي. تقريب ۾ ملڪ جون اهم شخصيتون به شرڪت ڪري رهيون آهن، جن ۾ امباني خاندان، مشهور ڊائريڪٽر اشوتوش گووارڪر ۽ ٻين فلمي شخصيتن به شرڪت ڪئي.
شادي جي تقريب گهر ۾ هڪ رجسٽرڊ نڪاح جي صورت ۾ سادگي سان ڪئي ويندي آهي، جنهن کانپوءِ ويجهن مائٽن لاءِ مختصر ماني به ڏني ويندي آهي.
ذريعن موجب شادي جي تقريب کي خانگي رکيو ويو آهي ۽ 100 کان 150 ويجهن مائٽن ۽ دوستن کي دعوت ڏني وئي آهي. تقريب ۾ عامر خان جا ٻار جنيد خان، ايرا خان ۽ آزاد رائو خان به شرڪت ڪندا، جڏهن ته گوري روح جو پٽ به ان موقعي تي موجود هوندو.
اها شادي عامر خان جي زندگي ۾ هڪ نئون باب آهي. هن جي پهرين شادي 1986ع ۾ رينا دتا سان ٿي، جنهن مان کيس ٻه ٻار آهن، پر 2002ع ۾ الڳ ٿي ويو، هن بعد ۾ 2005ع ۾ ڪرن رائو سان شادي ڪئي، جيڪا 2021ع ۾ ختم ٿي، جڏهن ته ٻئي پنهنجي پٽ جي ماءُ پيءُ سان گڏ رهيا.
عامر خان ۽ گوري روح گذريل 25 سالن کان هڪ ٻئي کي سڃاڻن ٿا پر ٻنهي وچ ۾ ويجها لاڳاپا لڳ ڀڳ 2 سال اڳ شروع ٿيا. عامر خان ان رشتي جو انڪشاف گذريل سال پنهنجي 60 هين سالگرهه جي موقعي تي عوام آڏو ڪيو هو.
ڀارتي ميڊيا موجب عامر خان جي نئين زال گوري روح يونيورسٽي آف آرٽس لنڊن مان فيشن، اسٽائلنگ ۽ فوٽوگرافي ۾ ڊگري حاصل ڪري ورتي آهي. ان کان علاوه هوءَ هڪ پروفيشنل وار ڊريسر پڻ آهي. جيڪڏهن ڪيريئر جي ڳالهه ڪجي ته گوري روح هن وقت عامر خان جي پروڊڪشن هائوس عامر خان فلمز ۾ ڪم ڪري رهي آهي. گوري کي هڪ 6 سالن جو پٽ پڻ آهي، جڏهن ته هن جي پهرين مڙس بابت في الحال ڪا به ڄاڻ ناهي.


