پاڪستان جديد طبي سائنس ۾ هڪ ٻي تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ڪاميابيءَ سان جديد علاج جهڙوڪ CAR T cell ٿراپي کي لاڳو ڪري دنيا ۾ پنهنجي طبي صلاحيتن جو معيار قائم ڪري ڇڏيو آهي.
پاڪستان جو طبي شعبو مشڪل ترين بيمارين جو آساني سان علاج ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، هٿياربند فوج جي بون ميرو ٽرانسپلانٽ سينٽر پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو CAR ٽي سيل ٿراپي ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتي آهي.
21 سالن جو مريض جديد ڪار ٽي سيل ٿراپي کانپوءِ مڪمل صحتياب ٿي ويو، سالن جي تحقيق کانپوءِ آرمي ميڊيڪل ڪور جي ماهرن پاڪستان ۾ پهرين ڪار ٽي سيل ٿراپي ڪاميابي سان ڪئي آهي.
پاڪستان جي پهرين ڪار ٽي سيل ٿراپي ۾ مريضن ۽ خاندانن مثالي جرئت جو مظاهرو ڪيو، پاڪستان هاڻي دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ٿي ويو آهي ۽ ڪينسر جي جديد علاج ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي، پاڪستان جي ڪامياب طبي پيش رفت قومي اعتماد کي بلند ڪري رهي آهي.


