خيبرپختونخواهه جي شهر سوات ۾ سياحتي مقام ڪالام ۾ ٽڪ ٽاڪ جي وڊيو ٺاهڻ دوران گاڏي ڍنڍ ۾ ڪري پئي، جنهن ۾ سوار سمورا مسافر محفوظ رهيا. سوات پوليس جو چوڻ آهي ته مبينا طور تي وڊيو ٺاهڻ دوران ٽڪ ٽوڪر ڪار ڍنڍ ۾ ڪري پئي، جڏهن ته پوليس ۽ ريسڪيو 1122 بروقت ڪارروائي ڪري سمورن ماڻهن کي باحفاظت ٻاهر ڪڍيو. پوليس موجب، گڏيل ڪارروائي دوران ڍنڍ مان گاڏي به هٿ ڪئي وئي آهي. ڊي پي او سوات مشتاق احمد چيو ته سياح ٽريفڪ ضابطن ۽ حفاظتي هدايتن تي سختي سان عمل ڪن ۽ ڊرائيونگ دوران ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ۽ غير ذميواراڻي سرگرمين کان پاسو ڪن. هن چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ پهرين ترجيح آهي، خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
Source link

ڪالم؛ ٽڪ ٽاڪ جي وڊيو ٺاهڻ دوران هڪ ٻي گاڏي ڍنڍ ۾ ڪري پئي
Leave a Comment Leave a Comment

